عارف سنائي مخدوم

عارف سنائي، مخدوم: ميرن جي وقت ۾ سن شهر ۾ هڪ بزرگ مخدوم عارف سنائي، ولد محمد افضل جو هڪ عاليشان مدرسو هوندو هو. جنهن ۾ آسپاس جا شاگرد سندس رهنمائيءَ ۾ عربي، پارسي، فقھ، حديث، قرآن ۽ اخلاقي تعليم حاصل ڪندا هئا. پاڻ جيستائين حيات هو ته اهو درس ۽ تدريس جو ڪم جاري رکيائين. ڪيترا طالب سندس علم مان سيراب ۽ فيضياب ٿيا. سيوهڻ جو مشهور عالم فقه ۽ حافظ مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي سندس همعصر هو. مخدوم عارف سنائيءَ لاءِ ڪتابن ۾ تحرير ٿيل آهي ته، پاڻ سنڌ ۾ وڏو عالم، فقھ جو ڄاڻو هو. تحريرن جو ماهر هو. جيڪو خود سخي، شاعر، سخن شناس ۽ عالمن جي وڏي عزت ڪندڙ هو. مخدوم عارف جي وفات جي پوري خبر نٿي ملي، پر ڪتاب ‘سنڌ جا اسلامي درسگاهه’ ۾ لکيل آهي ته 1222هه کان پوءِ سندس وفات ٿي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو